دنيا جي نئين طبعي ۽ ملڪي جاگرافي

دنيا جي نئين طبعي ۽ ملڪي جاگرافي

دنيا جي نئين طبعي ۽ ملڪي جاگرافي

دنيا جي نئين طبعي ۽ ملڪي جاگرافي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب اجمل بيگ ۽ مرزا قليچ بيگ جو مرتب ڪيل آهي. هيءُ ڪتاب ورنيڪيولر فائينل، ٽريننگ ڪاليج ۽ انگريزي پڙهندڙ شاگردن لاءِ ملڪي جاگرافي ۽ نئين طبعي ڄاڻ مهيا ڪري ٿو. هن ڪتاب جي فهرست ۾ پراڻي ۽ نئين دنيا، وصفون، نقشو ڪڍڻ ۽ سمجھڻ، ڪشش ثقل، نظام شمسي، سيار، چنڊ، زمين جي شڪل، پکيڙ، ڦيرا، ڏينهن، رات ۽ موسمون، وغيره عنوان شامل آهن. هن ڪتاب ۾ 22 باب آهن. ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب ۾ 501 صفحا آهن ۽ هن ڪتاب جو ملهه 3 روپيا آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1951ع ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو